ڪراچي کان ڏکڻ آفريڪا ويندڙ ڪٽنب وٽان 17 ڪروڙ رپين جو سون هٿ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽمز ڪارروائي ڪري ڏکڻ آفريڪا ويندڙ ڪٽنب وٽان 9 ڪلو سون هٿ ڪري ورتو.
ڪسٽم ذريعن موجب 17 ڪروڙ رپيا ماليت جو سون مختلف زيورن ۽ سڪن تي ٻڌل آهي.
ڏکڻ آفريڪي پاسپورٽس واري ڪٽنب ۾ 5 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهي، سون پاڪستان ڄائي آفريڪي مسافرن جي سامان جي تلاسي دوران مليو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪروڙين رپين جو سون کڻي ويندڙ مسافرن بابت جاچ جاري آهي…….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.