ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽمز ڪارروائي ڪري ڏکڻ آفريڪا ويندڙ ڪٽنب وٽان 9 ڪلو سون هٿ ڪري ورتو.
ڪسٽم ذريعن موجب 17 ڪروڙ رپيا ماليت جو سون مختلف زيورن ۽ سڪن تي ٻڌل آهي.
ڏکڻ آفريڪي پاسپورٽس واري ڪٽنب ۾ 5 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهي، سون پاڪستان ڄائي آفريڪي مسافرن جي سامان جي تلاسي دوران مليو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪروڙين رپين جو سون کڻي ويندڙ مسافرن بابت جاچ جاري آهي…….