ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪاپي جي روڪٿام لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، امتحاني مرڪزن ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ۽ مختلف شهرن ۾ ڪاپيءَ جي ڌم متل رهي
ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي تعليمي بورڊز پاران امتحان ورتا ويا، جڏهن ته ڪاپي جي روڪٿام لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو
امتحاني مرڪزن ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن ۽ مختلف شهرن ۾ ڪاپيءَ جي ڌم متل رهي
سانگهڙ ۾شهيد بينظير آباد بورڊ جي نگراني هيٺ اڄ کان نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن
سانگهڙ ضلعي ۾ 54 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ڪاپي جي روڪٿام لاءِ بورڊ پاران ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن
قاضي احمد ۾ تعليمي بورڊ شھيد بينظيرآباد جي ماتحت نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي شاگردن جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن
امتحان دوران حيسڪو سب ڊويزن پاران بجلي بند هجڻ سبب شاگردن کي پيپر ڏيڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو
ميرپورخاص ۾ تعليمي بورڊ پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان شروع ٿي ويا آهن
ميرپورخاص ڊويزن جي عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ 96سينٽر مقرر ڪيا ويا آهن، شاگردياڻين لاءِ 16 ۽ شاگردن لاءِ 23 سينٽر مقرر ڪيا ويا آهن
اڄ صبح جو نائين ڪلاس جو اسلاميات جو پيپر ٿيو، قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود ڪاپي جي ڌم متل رهي
لاڙڪاڻي تعليم بورڊ جي نگرانيءَ هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جا ساليانه امتحان شروع ٿي ويا آهن، جنهن ۾ ضلعي سان واسطو رکندڙ 32694 اميدوارن حصو ورتو
تعليمي بورڊ طرفان نائين جماعت جي 16284 اميدوارن کان سنڌي جو پرچو ورتو ويو، جن لاءِ ضلعي ۾ 47 امتحاني سينٽر قائم ڪري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو
خانواھڻ ۽ ٺري ميرواهه ۾ به نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا پيپر شروع ٿي ويا آهن، جنهن لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.
سڄي سنڌ جيان ميرواه گورچاڻي ۾ به نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن ۽ امتحانن دوران قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
سکر بورڊ پاران به نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان اڄ کان شروع ٿي ويا آهن،
بورڊ انتظاميا جو چوڻ آهي ته سکر بورڊ پاران 200 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، امتحاني مرڪزن جي نگراني لاءِ 30 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، امتحانن ۾ مجموعي طور هڪ لک 5 هزار 77 شاگرد ۽ شاگردياڻين حصو ورتو آھي
اڄ نائين ڪلاس جي شاگردن کان انگريزي جو پيپر ورتو ويو آهي.
You might also like