ڀارتي ٽيم جو ڪپتان ۽ نائب ڪپتان وڏي ڏچي ۾ پئجي ويا

لکنئو ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز ممبئي انڊينز ۽ ڪپتان هاردِڪ پانڊيا لاڳيتو شڪستن کانپوءِ هڪ نئين ڏچي ۾ ڦاسي پيو آهي.
لکنئو سپر جائنٽس هٿان آءِ پي ايل جي 17 هين سيزن دوران ستين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو جڏهن ته ميچ ۾ سلو اوور ريٽ سبب ڪپتان سميت ٽيم تي ڏنڊ پڻ هنيو ويو.
ٽيم جي ڪپتان هاردڪ پانڊيا ۽ پليئنگ اليون جي سمورن ميمبرن تي ميچ ۾ سلو اوور ريٽ برقرار رکڻ تي ڏنڊ مڙهيو ويو.
هلندڙ سيزن دوران ممبئي ٻيو ڀيرو سلو اوور ريٽ جو ڏوهه ڪيو جنهنڪري ڪپتان هاردڪ پانڊيا تي 24 لک ڀارتي رپيا ( اٽڪل اسي لک پاڪستاني رپيا ) ڏنڊ لڳو.
ان کانسواءِ پليئنگ اليون ۾ شامل هر ميمبر تي ڇهه لک ڀارتي رپيا ( اٽڪل ويهه لک پاڪستاني رپيا ) ڏنڊ هنيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.