صدر جو ناڪام آفيسرن جي تبديلي، ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ امن امان برقرار رکڻ ۾ ناڪامي تي لاڳاپيل آفيسرن جي تبديلي ۽ ڪراچي سيف سٽي پراجيڪٽ کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ سان گڏ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس سنڌ ۾ امن امان بابت اجلاس ٿيو، آصف زرداري امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي پوليس آفيسرن جي تبديلي جو حڪم ڏنو.
هن مراد علي شاهه کي هدايت ڪئي ته پوليس آفيسرن کي خاص مدو ڏئي انهن کان ڀرپور ڪم وٺو، ڪچي ۾ اغوا جي واقعن تي به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو ڪو خاص سبب ناهي، زمينن تي قبضن جي منهنجي زيرو ٽالرنس آهي، ڪنهن به صورت ۾ زمينن تي قبضي جي اجازت نه ڏيندس.
صدر چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ به خاص قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
آصف علي زرداري ڪراچي سيف سٽي پراجيڪٽ کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ سان گڏ ڊرگ مافيا خلاف به سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته منشيات جو اسڪولن تائين پهچڻ برداشت جوڳو ناهي.
اجلاس ۾ وڏي وزير، وفاقي ۽ صوبائي گهرو وزير، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز سنڌ، آءِ جي سنڌ سميت حساس ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.