ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن جي نجڪاري ڪرڻ بدران وفاقي حڪومت کان انهن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحٽ هلائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ مزدور ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مزدورن جي محنت سان سڄي دنيا ۾ معيشت هلي رهي آهي، پ پ قيادت مزدورن جي حقن لاءِ قدم کنيا، وفاقي حڪومت مهانگائي کي نظر ۾ رکندي پگهارن ۾ واڌ ڪري.
هن چيو ته حڪومت نجڪاري جي حوالي سان غور ڪري رهي آهي، پ پ جو اهو موقف هو آهي ۽ رهندو ته اسان سمجهون ٿا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سنڌ ۾ جيڪي منصوبا آهن، اهي ڪامياب به ٿيا آهن، بهتر آهي ته وفاقي حڪومت نجڪاري بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪري، ان جو فائدو ملڪ کي ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته اسٽيل ملز جي زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت هئي ۽ آهي، حڪومت کي سنڌ جي مرضي بنا ان بابت فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، وفاقي حڪومت اسان سان گڏ ويهي ۽ جيڪڏهن وفاقي حڪومت کي اسٽيل ملز نه کپي ته سنڌ حڪومت خريد ڪندي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ان کي بهتر هلائينداسين ۽ مزدورن جو خيال رکنداسين.
You might also like