هاڻ اينڊرائڊ واهپيدار يوٽيوب تي هڪ ئي وقت ڪيترا وڊيوز ڏسي سگهندا؟

گوگل طرفان وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب کي بهتر بڻائڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪيو پيو وڃي.
هاڻي يوٽيوب ۾ هڪ دلچسپ فيچر جو اضافو ڪيو پيو وڃي جيڪو اينڊرائڊ واهپيدارن کي ضرور پسند ايندو.
ملٽي ويو نالي اهڙو فيچر پهريان آءِ فون ۽ آءِ پيڊ ڊيوائسز لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو، هاڻي ڪمپني فيچر کي اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
فيچر ذريعي واهپيدار هڪ ئي وقت يوٽيوب جون 4 لائيو اسٽريم وڊيو ڏسي سگهندا، اهو فيچر اينڊرائڊ ۽ ٽيبليٽس لاءِ دستياب هوندو.
ڪمپني موجب فيچر کي ڪنهن به ڊيوائس تي استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ فيچر جي استعمال لاءِ طاقتور هارڊ ويئر جي ضرورت به هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.