دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ( انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ) ٽي ٽوئنٽي، ون ڊي ۽ ٽيسٽ پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ موجب، ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، انگلينڊ جي فِل سالٽ جو ٻيو ۽ پاڪستان جي محمد رضوان جو ٽيون نمبر آهي جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم هڪ درجو ترقي ماڻي چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.
رينڪنگ موجب، ڏکڻ آفريڪا ايڊن مارڪرم پنجين ۽ نيوزيلينڊ جي ٽِم سيفرٽ ست درجا ترقي کانپوءِ 18 هين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد نمبر ون پوزيشن تي موجود آهي، پاڪستان جي شاهين آفريدي ٽي درجا بهتري کانپوءِ 14 نمبر حاصل ڪري ورتو آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائوندرز ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جي حڪمراني برقرار آهي، پاڪستان جي شاداب خان جو رينڪنگ ۾ ڏهون مبر آهي.
آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ موجب، بابر اعظم پهرين، شُڀمَن گِل ٻئي ۽ ويرات ڪوهلي ٽئين نمبرتي موجود آهي.
ٽيسٽ بيٽرز جي درجابندي ۾ نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن پهرئين، انگلينڊ جو جو روٽ ٻئي ۽ پاڪستان جو بابر اعظم ٽئين نمبر تي موجود آهي.
You might also like