چيمپيئنز ٽرافي: ڀارتي ٽيم جي ميچن ۽ سيڪيورٽي لاءِ تجويزون سامهون اچي ويون

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي طرفان آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول ۾ ڀارتي ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ مختلف تجويزون سامهون آيون آهن.
ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي جي پهرئين رائونڊ ۾ ڀارتي ٽيم جون ميچون هڪ ئي شهر ۾ رکڻ جي تجويز آهي ۽ ان تجويز جو مقصد پاڪستان ۾ ترسڻ دوران ڀارتي ٽيم جي چرپر محدود رکڻ آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بروڊ ميگا ايونٽ جو ابتدائي ڊرافٽ شيڊيول آءِ سي سي کي موڪلي ڇڏيو آهي جنهن تي هاڻ آءِ سي سي ٻين ملڪن کان راءِ طلب ڪندو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع فيبروريءَ ۾ پاڪستان ۾ شيڊيول آهي، ڊرافٽ موجب، ٽورنامينٽ جون ميچون پاڪستان جي ٽن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.