پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڳالهيون ٿينديون ته سڀني جي سامهون ٿينديون ۽ ڪنهن سان لڪ ڇپ ۾ ڳالهيون نه ڪنداسين.
پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان کي سپورٽ ڪري ٿو ته سندس ٿورائتا آهيون ۽ مولانا صاحب جيڪڏهن سمجهي ٿو ته مينڊيٽ چوري ٿيو آهي ته مان حاضر آهيان، مولانا صاحب جو مينڊيٽ چوري ناهي ٿيو، ساڻس دوکو ٿيو آهي.
هن چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته مينڊيٽ چوري ٿيو آهي، چوري ۽ دوکي ۾ فرق آهي، ڪجهه ماڻهن سان ڊيل ڪئي وئي، کين فارم 47 ذريعي کٽرايو ويو ۽ جيڪڏن اوهان کي نه کٽرايو ويو ته انهن کان پڇي وٺو.
ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين جو ٽاسڪ ڏنو آهي، ڳالهيون ٿينديون ته سرعام ٿينديون، لڪ ڇپ ۾ ڪنهن سان به ڳالهيون نه ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان نه ڪڏهن ڊيل ڪئي آهي ۽ نه ڊيل جي حق ۾ آهي، اِهو نه سوچيو ته هو ڪُرسي لاءِ ڊيل ڪندو.
You might also like