پي ٽي آءِ وارن احتجاج جو ڪو به فائدو نه ٿيندو: خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي اڳواڻ خورشيد احمد شاھ چيو آهي ته پي ٽي آئي کي احتجاج ڪرڻ سان ڪوبه فائدو نه رسندو ، پھرين به پي ٽي آئي وارن کوڙ احتجاج ڪيا آهن.
پيپلز پارٽي اڳواڻ خورشيد احمد شاھ سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آئي کي اسان پارليامينٽ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آھي .
هن چيو ته جيڪڏهن ھاڻي به پارليامنيٽ ڇڏڻ جي ڳالهھ ڪئي ته انھن کي ڪو فائدو نه ٿيندو ،جڏھن پاڻ عمران خان جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيا ان وقت به حڪومت پنج سال پورا ڪيا.
سندس چوڻ هو ته ملڪ وڌيڪ ڏڦيڙ برداشت نٿو ڪري سگھي ، جڏهن ته پرامن احتجاج ھر سياسي پارٽي جو جمھوري حق آھي پر عوام کي تڪليف نه ٿئي .
هن چيو ته وزير اعظم جو معاملو سمجھڻ گھرجي ، اٽارني جنرل تصديق ڪئي آھي ، جڏهن ته اٽارني جنرل جي طبعيت خراب ھئي ، واپس ڪونه آيو رٽائر ٿي ويو.
پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته ڪمپنين ڏانهن بقايائون رھيل آھن انھن خلاف وڏا وڪيل سامھون آندا وڃن ۽ ننڍا وڪيل ڪيس ھلائڻ جي صلاحيت نٿا رکن .
هن جو چوڻ هو ته سٺ ھزار وارا وڪيل رڳو تاريخون وٺي سگھن ٿا ٻيو ڪجهھ نٿا ڪري سگھن ، جڏهن ته اسان وٽ کوڙ وسيلا آھن پر انھن جو استعمال ڪري سگھجي ٿو.
خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته کنڊ ۽ ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ اسان وٽ موجود آھي ايڪسپورٽ ڪري متبادل حاصل ڪري سگھجي ٿو
هن چيو ته آمريڪي حڪومت جيڪڏهن مخلافت ڪري ٿي ته پوءِ اسان جون ضرورتون پوريون ڪري .
هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ھارين سان ظلم ٿي رھيو آھي حڪومت کي ان تي سوچڻ گھرجي……………..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.