ڪچي ۾ آپريشن بابت به جائزو وٺي رهيا آهيون: گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هو ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، ڪچي ۾ آپريشن بابت به جائزو ورتو پيو وڃي، ان لاءِ وڏي وزير سان ملاقات ۾ تفصيلي غور ڪيو ويندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سکر ۾ نادرا آفيس جو دورو ڪيو جتي کيس تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته نادرا آفيس شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ ۽ پاسپورٽ آفيس جو مرمتي ڪم مڪمل ڪرايو ويندو، هي وقت سياست ڪرڻ جو نه پر عملي ڪم ڪرڻ جو آهي. ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي سڀني سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.