فلم ڊيڊ پول جو اداڪار ابو ظهبي ”ياس آءِ لينڊ“ جو چيف آفيسر مقرر

مشهور هالي ووڊ فلم ڊيڊ پول ذريعي شهرت جي بلندين تي پهچندڙ هالي ووڊ اداڪار ريان رينالڊس کي ابو ظهبي جي ياس آءِ لينڊ جو چيف آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.
هالي ووڊ اداڪار، ڊائريڪٽر ۽ ويلش فٽ بال ڪلب جي مالڪ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو آهي،جنهن ۾ هن کي ابو ظهبي جي ياس آءِ لينڊ تي اسڪاءِ ڊائيونگ ڪندي ڏٺو ويو آهي.
وڊيو ۾ ريان لينالڊس ٻڌايو ته ان کي ياس آءِ لينڊ جي چيف آفيسر جو ذميواريون ڏنيون ويون آهن.
انکان اڳ آمريڪي اداڪار جيسن ماموا ۽ ڪيون هارٽ به هِن عهدي تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.