ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت بجلي جي پيداوار ۽ ٽرانسميشن لاءِ پنجاب گرڊ ڪمپني ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پنجاب جي توانائي کاتي تجويزون چيف سيڪريٽري پنجاب کي موڪلي ڇڏيون آهن.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب گرڊ ڪمپني جو لائسنس نيپرا کان حاصل ڪيو ويندو ۽ ان کي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۾ رجسٽرڊ پڻ ڪيو ويندو.
ان کان سواءِ پنجاب گرڊ ڪمپني جي فني، مالي ۽ ڪمرشل رخن جي فزيبلٽي اسٽڊي پڻ ڪئي ويندي.
پنجاب سولر، هائيڊرو، بايوماس، ميونسپل سولڊ ويسٽ ۽ مقامي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو.
سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه به پنهنجون گرڊ ڪمپنيون ٺاهي ورتيون آهن ۽ نيپرا کان لائسنس حاصل ڪيا آهن.
ناڻي ۽ ترقي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي 5 مئي 2020 تي پنجاب گرڊ ڪمپني جي قيام جي منظوري ڏني هئي.