اسان کي روڪيندڙ پنهنجي لاءِ مصيبت پيدا ڪندو: فضل الرحمان جو تحريڪ هلائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪمران جماعتن کي چيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف اڪثريتي جماعت آهي ته اقتدار ان حوالي ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نواز شريف، شهباز شريف، بلاول ڀٽو کي به چوان ٿو ته هلو گڏجي عوام ۾ هلون ٿا، هن اقتدار کي ڇڏيو، جيڪڏهن واقعي لارجر گروپ پي ٽي آءِ آهي ته اقتدار انهن کي ڏيو.
هن چيو ته هن ڀيري اسيمبليون خريديون ۽ کپايون ويون، اسان جو ضمير ڪيئن ايوان ۾ ويهڻ لاءِ مطمئن ٿئي، هارائيندڙ پريشان ۽ کٽيندڙ به مطمئن ناهن.
فضل الرحمان تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو اسان عزم ڪيو آهي ته غلامي خلاف وڙهنداسين، آئين ۽ قانون موجب عوام ۾ وڃي غلامي خلاف وڙهنداسين، 2 مئي تي ڪراچي ۽ 9 مئي تي پشاور ۾ ملين مارچ ٿيندو، سڀني کي پيغام آهي ته اسان کي نه روڪيو وڃي، جيڪو اسان کي روڪيندو اهو پنهنجي لاءِ مصيبت جي دعوت ڏيندو، عوام جو رستو نٿو روڪي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.