ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ، موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌي وئي، جڏهن ته موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب سومر تي ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 39.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هوا ۾ گهم جي شرح 14 سيڪڙو رهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 3 ڏينهن تائين شهر جي موسم خشڪ ۽ گرم رهندي، ان دوران وڌ کان وڌ گرمي پد 37 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڏينهن جو موسم گرم رهندي پر شام جو سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي.
ماهرن صلاح ڏني آهي ته شهري غير ضروري طور گهرن مان نه نڪرن، گرمي کان بچاءَ لاءِ هلڪي رنگ جا ڪپڙا پائڻ گهرجن ۽ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.