ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي ڪراچي رينج ۾ مقرر 34 پوليس اهلڪارن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، معطل ڪيل اهلڪارن ۽ اهلڪارن کي هيڊ ڪوارٽر سائوٿ بي ڪمپني موڪليو ويو آهي. تفصيل موجب آءِ جي آفيس مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب معطل ڪيل آفيسرن ۾ ايس ايڇ او سرجاني ٽائون محمد طفيل، ايس ايڇ او عوامي ڪالوني مظهر اعواڻ، ايس ايڇ او مدينه ڪالوني ناصر محمود، ھيڊ ڪانسٽيبل محمد عدنان ھيڊ محرر پي ايس الفلاح، ھيڊ ڪانسٽيبل دانيال پرويز ھيڊ محرر پي ايس ڪي آءِ اي، اي ايس آءِ احمد اسلم مغل ھيڊ محرر پي ايس ڪورنگي، ھيڊ ڪانسٽيبل دانش سرور ھيڊ محرر پي ايس ماڊل ڪالوني، ھيڊ ڪانسٽيبل راڻا محمد آصف ھيڊ محرر پي ايس سعود آباد ، ھيڊ ڪانسٽيبل ملڪ آصف ھيڊ محرر پي ايس شاھ فيصل ، ھيڊ ڪانسٽيبل اياز احمد عباسي ھيڊ محرر پي ايس زمان ٽائون، سب انسپيڪٽر نادر علي پي ايس سچل ، اي ايس آءِحنيف خانزادا پي ايس عزيز ڀٽي ، پي سي عامر اسماني پي ايس بلال ڪالوني، ھيڊ ڪانسٽيبل فيصل خان ھيڊ محرر پي ايس بلال ڪالوني ، اي ايس آءِ عامر اشرف ھيڊ ڪانسٽيبل پي ايس ناظم آباد، پي سي سفيان پي ايس شاھراع نورجھان ، ھيڊ ڪانسٽيبل جان شير پي ايس شاھراع نورجھان ۽ ٻيا شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته معطل ڪيل آفيسرن ۽ اهلڪارن جي رويي بابت انڪوائري التوا ۾ آهي، اهي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پگهارون ۽ ٻيا الائونسز سندن معطلي دوران به وصول ڪندا رهندا. ذريعن موجب ڳجهي انڪوائري کانپوءِ ڪجهه آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، اعليٰ آفيسر منظم ڏوهن جي سرپرستي ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي جي الزام ۾ ڪارروائي ڪري رهيا آهن. آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي معطل ڪيل آفيسرن ۽ اهلڪارن ۾ ڪيترائي اي ايس آءِ، هيڊ ڪانسٽيبل ۽ سپاهي به شامل آهن.
ڊبل ڪام