سکر جي ڪچي ۾ پراڻي تڪرار تان جتوئي برادري ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا

سکر (رپورٽ: آزاد مهر) سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، باگڙجي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پُراڻي خوني تڪرار تان ٻيھر جھيڙو ڀڙڪي اٿيو،  ڌرين پاران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ عبدالحڪيم جتوئي ۽ ٻئي ڌر جو فياض جتوئي مارجي ويا، آخري اطلاعن موجب ٻنهين ڌرين ۾ ڪيترائي ڪلاڪ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي باگڙجي پوليس جو چوڻ آهي ته جتوئي برادري ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان اڄ ڌرين هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا آهن، جھيڙي دوران ٻنھين ڌرين جو ھڪ، ھڪ ماڻھو مارجي ويو آھي، پوليس ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.