اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ ٻاهران ڪڻڪ گهرائڻ تي بندش باوجود نگران دور ۾ ڪڻڪ گهرائڻ جي انڪوائري جو مطالبو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري پوائنٽ آف آرڊر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڪڻڪ جي معاملي تي ايوان جي خاص ايڪشن جي انتظار ۾ آهي. هن چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته درآمد تي پابندي آهي، پوءِ سوال اهو آهي ته نگران حڪومت ڪڻڪ ڪيئن امپورٽ ڪئي، هي تمام وڏو اسڪينڊل آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته هي صوبائي مسئلو آهي، اسان وٽ پاسڪو آهي، اسان ان کي ايندڙ ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان سبسڊي لاءِ ميڪنزم ٺاهي رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته اهڙي طريقي سان ڪڻڪ ڇو امپورٽ ڪئي وئي، مان ايوان کي يقين ڏياريان ٿو ته مستقبل ۾ ائين نه ٿيندو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جي نجڪاري جي فيصلي تي چيو آهي ته بريفنگ ڏني وڃي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ڇو ڪئي پئي وڃي.