ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جو پاڪستان، دل سان يا بي دليو سٺو استقبال ته ڪيو ۽ 8 معاهدا به ٿيا پر سال 2013 کان آمريڪا جي طويل غلامي، ڌمڪين ۽ داٻن ڪري پاڪ ايران گئس واري اڻ پوري منصوبي جي ڳالهه جي ٻڙڪ به نڪري نه سگهي.
1947 ۾ پاڪستان جي قيام بعد ايران پهريون ملڪ هو، جنهن نئين ٺهندڙ ملڪ کي تسليم ڪيو، ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ڪيترن ئي وچ ۾ پيدا ٿيل مسئلن جي باوجود هميشه بهتر رهيا آهن. شهنشاه ايران ۽ ذوالفقار ڀٽو جي وچ ۾ جيڪا دوستي هئي، اها مثالي هئي، ايران جنهن جي تاريخ ۽ تهذيب هميشه شاندار رهي آهي، جنهن آس پاس جي ملڪن تي به پنهنجا اثر ڇڏيا هئا، ايران ۾ شيعا ملائيت جي باوجود اتي جيڪي بچيل سماجي، تهذيبي اهڃاڻ موجود آهن، ڪورون اوارن ڏينهن ۾ ايراني عالمن پنهنجي ملڪ جي انهن ڊاڪٽرن کي قيد رکيو جن ڪورونا وبا متعلق حڪومت کي ترت سائنسي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي، پر عالمن پنهنجي درگاهن جي روضن، المن تي هٿ رکي دعائون گهرڻ ۽ هٿ لاهڻ بعد ڪورونا جي وبا جو کاڄ ٿي ويا.
هن وقت به ڊرون، ميزائيل ٽيڪنلاجي ۽ ايران جو سينو کولي هلڻ پويان به جيڪڏهن روس، چين، اتر ڪوريا جي جنگي ٽيڪنالاجي نه هجي ها ته آمريڪا ايران کي پوليو ورتل ملڪ بڻائي ڇڏي ها.
خميني جي شيعا انقلاب کان اڳ شهنشاهه ايران جي آمريت خلاف توده پارٽي ۽ مجاهدين خلق جي نوجوانن جي قربانين ۽ مزاحمت سان گڏجي جيڪو خميني انقلاب آيو، جنهن لاءِ اهو به رپورٽ ٿيو هو ته ايران ۾ ڪو سوشلسٽ انقلاب اچي ان کان بهتر ته آهي ايران جي مذهبي شيعا انقلاب جي حمايت ۽ مدد ڪئي وڃي، بر طانيه جي جاسوس اداري ان تي پنهنجي رپورٽ به جاري ڪئي هئي، خميني انقلاب بعد ان انقلاب انهن مجاهدن سان دوکو ڪري کين قيد خانن، عقوبت خانن حوالي ڪري ملڪ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، جيڪي بچيا انهن کي سون جي تعداد ۾ ڦاهيون ڏنيون ويون، جنهن ۾ ايران جي موجوده صدر ابراهيم رئيسي جو وڏو هٿ هو، ان جي عدليه جي پرايسڪيوٽر دور ۾ 5 هزار مردن ۽ عورتن کي ڦاهيون ڏيڻ سان گڏ ڪيتريون ئي اجتماعي قبرون ٺاهيون ويون، جنهن بعد ۾ ڪافي سالن آيت الله منظري جي دور ۾ هڪ آڊيو ليڪ ٿي جنهن ۾ موجوده ايراني صدر جيڪو اعليٰ عدليه جو سربراهه بڻجي چڪو هو تنهن آيت الله خميني جي دور ۾ وڏي پئماني تي مخالف سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، مرد عورتن کي ڏنل ڦاهين جي سزا کي غلط قرار ڏيندي موت جي سزا کي اسلامي جمهوري تاريخ جو سڀ کا وڏو الميو قرار ڏنو۽ اعتراف ڪيو ته هن انهن سزائن ۾ سڌو هٿ نه هو جيئن ته اهو فيصلو آيت الله خميني جو هو ان ڪري درست به هو. بعد ۾ هن جي دور ۾ ڦاهين جي سزائن ۾ گهٽتائي اچي وئي.
بي بي سي جي هڪ مضمون موجب پنهنجي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته ڦاهين جي سزا ڏيڻ ڪو گهڻو سٺو عمل نه هو،ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته مجاهدين خلق، توده پارٽي سميت سوين ماڻهن کي ڦاهيون ڏيڻ، تشدد جو نشانو بنائڻ، هزارين ٻارن کي يتيم ڪرڻ ۽ عورتن کي بيواه ڪرڻ وارو عمل به غزه ۾ ٿيل اسرائيلي فوجي ظلم کان گهٽ نه هو، هاڻي به عورتن کي زبردستي حجاب پائڻ ۽ پنهنجن مخالف سياسي قوتن خلاف رياستي تشدد به ايران جي حڪومت جو عالمي ليول تي تاثر خراب ڇڏيو آهي، اندروني طور صحيح حاڪميت ۽ رياستي تشدد يا وري پنهنجي مذهبي پابندين کي زبردستي لاڳو ڪرڻ واري بغاوت کي آمريڪا استعمال ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندو رهيو آهي.پر کيس هڪڙي ڳالهه سڀني کان مٿانهون رکيو آهي ته ايران واحد اسلامي ملڪ آهي،جنهن آمريڪي جي غلامي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، جنهن سان پاڪستان جهڙو آمريڪي ڪالوني ٽائيپ ملڪ به دوستي ڇني نه ٿو سگهي.
ايران جي صدر جي دوري جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف کي وري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪرڻو پيو آهي ته ” ايران ۽ پاڪستان جون اقتصادي، تهذيبي ۽ مذهبي هڪجهڙيون آهن ”ايران جي صدر کي پاڪستان جي ڊپلوميٽڪ تعريف ڪندي غزه جي مسئلي تي پاڪستان جي تعريف ڪئي آهي، حالانڪ هو ان ڳالهه کان بي خبر نه هوندو ته ماضي ۾ فلسطيني ڪئمپن تي گوليون هلائيندڙ ڪهڙا پاڪستاني مجاهد هئا ۽ هاڻي به سعودي عرب سرمايا ڪاري وڌائڻ جو اعلان ڇو ڪري ويو آهي ۽ اهوئي سعودي عرب آهي جنهن ان کان وڌيڪ ته ڀارت سان معاهدا ڪري چڪو آهي ،نريندر مودي کي ڀارتي رياست جي وڏي اعزاز سان نوازي چڪو آهي، ڪشمير مسئلي تي اڪثر اسلامي ملڪن جي پاڪستان کي حمايت حاصل نه آهي ، خود ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ به لاڳاپا خراب ۽ سٺا ٿيندا رهيا آهن ۽ ايران جا پاڪستان جي وڏي مخالف ملڪ ڀارت ۽ ڀارتي انتها پسند صدر نريندر مودي سان 2016 ۾چاهه بهار ايراني بندرگاه تي ڀارت ۽ افغانستان سان 550 ڊالر ارب جو معاهدو ڪيو آهي ۽ ايران گوادر تي تشويش جو به اظهار ڪري چڪو آهي.
ايراني صدر پنجاب جي لاهور شهر جي دوري دوران شايد علامه اقبال شاعر جي شخصي تاريخ کان به بي خبر نه هوندو پر هن هندوستاني تراني لکڻ واري پاڪستان ۾ دفن شاعر جي به ان ڪري تعريف ڪئي، نه ئي هو ان ڳالهه کان بي خبر آهي ته سعودي عرب جي چوڪيدران جي ڳرين رقم وارين پگهارن وٺڻ ۽ سعودي عرب جي ٺاهيل اسلامي فوج طرفان يمن جو رت وهائيندڙ سربراه ڪهڙي ملڪ سان واسطو رکي ٿو.
ايراني صدر کي اها به خبر آهي ته سال 2013 کان 17.5 ارب ڊالرن وارو 2024 تائين رڪيل پڪ ايران گئس پائيپ لائين وارو ڪم آمريڪا جي ڌمڪين ۾ هلندڙ پاڪستان ايترو خودمختار، دلير، ۽ آزاد نه آهي جو آمريڪا جي حڪمن کي پٺي ڏئي سگهي ٿو، ايران جو صدر دوري جي پروگرام ٺاهڻ وقت ئي اهو سمجهيو ۽ فيصلو ڪيو هوندو ته ويچاري غلام پاڪستان کي امتحان ۾ نه وجهجي ۽ في الحال اسرائيل ايران جنگ ۾ جيڪو به ڪم نڪري سگهي اهو پاڪستان کان وٺجي. ايراني صدر جي دوري کان اڳ سعودي حاڪم آيا ۽ پاڪستان کي پئسا ڏئي ويا،ايراني صدر جي هلندڙ پاڪستاني دوري دوران ازبڪستان جي سڀ کان وڏي بينڪ ، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڏي معاهدي جي به خبر اچي چڪي آهي.
ايران سمجهندو هوندو ته پاڪستان کي ايران اسرئيل جي هلندڙ تڪرار دوران اهي پئسا ڇو ملي رهيا آهن ، هر هڪ سمجهي سگهي ٿو ۽ ان مان ڪير موجون ماڻيندو، نه اٽو، دال، ٽماٽر ، بصر يا دوائون سستيون ٿينديون.ايران جنهن جي چو طرف ناڪابندي آهي، جنهن سان سندس پاڙيسري ملڪ به ڪو کليل وڏو ۽ اهم واپاري معاهدو نه ٿو ڪري سگهي.
ايران پنهنجي اقتصادي ناڪابندي جي باوجود به ايران جي صدر پنهنجي هن هلندڙ پاڪستان جي دوري ۾ پنهنجي واپاري سيڙپڪاري جو انگ وڌائي 10 ارب ڊالر ڪيو آهي، ان کان سواءِ سيڪيورٽي مسئلن کان سواءِ ايران ۽ پاڪستان جي وچ 8 معاهدا ٿيا آهن، پر جنهن منصوبي تي ڪن سياسي تجزياتي نگاري طور ڪمزور ماڻهن کي اها اميد هئي ته 2013 کان رڪيل گئس پائيپ لائين منصوبو شروع ڪرڻ تي اڳڀارائي يا اعلان ڪيو ويندو. پر ان تي ٻنهي ملڪن خاموشي اختيار ڪئي.
ايران پاڪستان جي غلامي ۽ ناقص حڪمران طبقي جي وطن دوستي واري جذبي نه هئڻ سبب ۽ پاڪستان آمريڪا جي دڙڪن، مليل امدادن ۾مان ملڪ کان ٻاهر ملڪيتون ٺاهيندڙ، کنڊ وٺندڙن جي خوف ۽ انجام کان واقف آهي. اهوئي سبب آهي ته ايران جي صدر جي پاڪستان اچڻ تي سندس ڀلو ۽ بي دليو آڌرڀاءُ ضرور ڪيو پر ڪنڌ پوئتي ورائي ايران کان گيس وٺڻ جي دڙڪن،حڪمن جي پيروي نه ڪرڻ جو قسم به ٻيهر کڻي ورتو آهي. امڪان آهي ته ايندڙ مهيني تائين وچ اوڀر سميت اسان جو خطو ڪنهن وڏي جنگ جو شڪار ٿي پوي، ان وقت پاڪستان جو پنهنجي ايران طرف ڪهڙي قسم جي طرفداري هوندي، اهائي اصل ڳالهه ايران جي صدر جي دل ۾ ويهجي وئي ۽ هن پنهنجن حمايتن جي صلاح سان نه پوري ٿيندڙ اميد تي پاڪستان آيو آهي، ۽ سعودي عرب جي طرفان تازي پاڪستان کي ڏنل پئسن جي جواب ۾ پنهنجا پئسا وڌائڻ سميت گڏيل واپار جا پتا اڇلائي رهيو آهي.
ايران جي اها خواهش آهي ته جيڪڏهن پاڪستان آزادي ۽ خودمختياري جو رستو اختيار ڪرڻ جي نيت ڌاري ته کيس سستي بجلي، گيس ۽ پيٽرول به ڏئي سگهجي ٿو، جيڪا ڳالهه هڪ آمريڪي ڪالوني لاءِ مڃڻ في الحال مشڪل آهي، پر جيڪڏهن اسرائيل ايران تي ڪو وڏو حملو ڪري ٿو ۽ پاڪستان ان تي خاموشي رهي ٿو يا سعودي عرب آمريڪا جي حڪمن جي پيروي ڪندي پنهنجي هوائي حدن يا زمين کي ايران جي دشمنن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ته پوءِ ان ڳالهه جو وڏو خدشو آهي ملڪ جي هر حڪمران ٽولي اندر خود بغاوتون ٿينديون. اڃان ابراهيم رئيسي پاڪستان جي دوري دوران ڪراچي ۾ ئي هو ته پاڪستان جي وزيراعظم کي سعودي عرب دوري تي 28 اپريل تي وڃڻ جو ارادو ڪرڻو پيو آهي، جنهن بعد سعودي ولي عهد محمد بن سلمان شايد 5 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ايندو ۽ ايران جي صدر جي دوري دوران هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان ۽ ايران جي دوري ۾ واپاري معاهدن جي جواب ۾ آمريڪا پاڪستان تي اقتصادي پابندين هڻڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ آمريڪي حاڪمن چيو آهي ته ايران سان واپاري معاهدن جي خواهش ڪندڙن کي آمريڪي پابندين جي خطرن کان آگاه ڪرڻ جو مشورو ڏيون ٿا. ٻئي پاسي ايران جو صدر ابراهيم رئيسي جيڪو 2017 ۾ صدارت پنهنجي ويجهي ساٿي حسن روحاني خلاف صدارتي اميدوار هو ۽ 38 سيڪڙو ووٽ کڻي شڪست کاڌي هئي ۽ بعد ۾ ٻي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو، هن تي اقربا پروري سميت ٻيا به الزام لڳا هئا،کيس ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي ۽ هڪ پروفيسر زال اٿس، اهو پاڪستان جي عوام کي اهوئي پيغام ڏئي وڃي ٿو ته ” ايران ۽ پاڪستان جون دليون گڏجي ڌڙڪنديون رهيون آهن “ اهڙي پيغام بعد ۽ پاڪستان جي آزاد، خودمختيار ، عوامي خوشحالي جي ضمانت ۽ پاڪستاني عوام جي منشا موجب پاڪ ايران بنا ڪنهن طاقتور ملڪ جي ڌمڪين، سيڙپڪاري جي نالي ۾ڳرين امداي رشوتن کي ٺڪرائي هڪ نئين آزاد پاڪستان جو بنياد رکندي ايران سميت سمورن پاڙيسرين ملڪن سان پرامن لاڳاپا قائم ڪري واپاري معاهدا ڪيا وڃن.
اسان کي تاريخ موقعو ڏنو آهي ته اندروني ۽ ٻاهرين طور پنهنجين پالسيدي تي نظرثاني ڪري ايران سان ڪنهن به امڪاني دوکي جو وهم به هجي ته ڪڍي ڦٽو ڪجي.ان ايران خلاف اسان هن جي خلاف ڪيترين ئي سازشن ۾ ساٿ به ڏنو آهي، شيخ حق نواز جهنگوي کي به ڦاهي ڏني ته هڪ ٻئي دهشتگرد کي به پڪڙي ايران جي حوالي ڪري چڪا آهيون هن به اسان سان سان نڀايو آهي، جڏهن ته سامراج جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته ايران ۽ پاڪستان ۾غلط فهميون ۽ جهيڙا به پيدا ڪجن.