اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي به شرڪت ڪئي، ان دوران ٻنهي ملڪن 8 شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ جوائنٽ اڪنامڪ فري زون جي منظوري، جڏهن ته سويلين معاملن ۾ عدالتي معاملن تي ايم او يو تي صحيحون ٿيون.
ٻنهي ملڪن ۾ سيڪيورٽي سهڪار جي سمجهوتي، وٽرنري ۽ جانورن جي صحت بابت معاهدي تي صحيحون ٿيون.
You might also like