پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم هاءِ ڪورٽ جي مستقل ٿيل ٽن ججز کان حلف وٺي ڇڏيو.
حلف برداري جي تقريب ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ججز، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.
جسٽس فضل سبحان، جسٽس شاهد خان ۽ جسٽس خورشيد اقبال حلف کنيو، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ مستقل ججن جو انگ 14 ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته صدر آصف علي زرداري جسٽس فضل سبحان، جسٽس شاهد خان ۽ جسٽس خورشيد اقبال جي مستقل ٿيڻ جي منظوري ڏني هئي.
You might also like