ڪراچي گلستان جوهر ۾ ڪار سوارن جي فائرنگ، موٽرسائيڪل سوار مارجي ويو

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي گلستان جوھر بلاڪ 10 ڀرسان پيٽرول پمپ جي لڳ نامعلوم گاڏي تي سوارن جي فائرنگ ۾  موٽرسائيڪل سوار قتل ٿي ويو آهي. اطلاع ملندي واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي مارجي ويل شخص جو لاش ڪارروائي جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب مارجي ويل شخص وٽان ھٿيار، موبائل فون، روڪ ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ آهي ته مارجي ويل ڦورو آهي ڀرسان موجود ماڻھن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل کي ڪار تي سوار نامعلوم جوابدارن فائرنگ جو نشانو بڻايو. مارجي ويل شخص جو ساٿي فرار ٿيڻ جا اطلاع آهن. پوليس موجب مارجي ويل جي آخري اطلاع تائين لاش جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگهي، پوليس واقعي بابت وڌيڪ شاھديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

  • لاهور مان تحريڪ انصاف جو اڳوڻو ايم پي اي شبير گجر گرفتار

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي شبير گجر کي پوليس لاهور مان گرفتار  ڪري ورتو، ترجمان شبير گجر جو چوڻ آهي ته گرفتاري جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. شبير گجر خلاف ڪو به ڪيس ناهي ۽ نه ئي ڪا ويڙهه وغيره ٿي آهي. ٻئي طرف پي پي 164 تان سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار چوڌري يوسف ميو چيو آهي ته پوليس چوڌري شبير گجر کي گرفتار ڪري هلڪي ٿاڻي منتقل ڪيو آهي. هن  وڌيڪ چيو ته ر ڌانڌلي جون ڪجهه شڪايتون سامهون آيون آهن،

  • ڪراچي ۾ پرڏيهين تي ٿيل حملي جا سرڪاري فرياد تي 3 ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي لانڍي مانسهره ڪالوني ۾ پرڏيهين تي ٿيل حملي جا 3  ڪيس داخل ڪيا ويا آهن سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيا ويا پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ايس ايڇ او شرافي ڳوٺ ارشد اعواڻ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي ايف آئي آر ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.