اسلام آباد(مزمل سهروردي) پنجاب ۾ ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ ميدان ماري ورتو،8 فيبروري جو بيانيو ناڪام ٿي ويو،سنڌ ۾ تحريڪ انصاف بلاول ڀٽو جي خالي ڪيل سيٽ تي اميدوار ڇو نه بيهاريو؟ اتي ٽي ايل پي کانسواءِ ڪنهن به پ پ اميدوار جو مقابلو نه ڪيو،پ پ هن ڀيري پنجاب ۾ رحيم يار خان کانسواءِ ڪٿي به چونڊ نه وڙهي،پنجاب ۾ پ پ جي واپسي جي ڳالهه ڪندڙ بلاول ڀٽو 8 فيبروري جي چونڊ نتيجن کانپوءِ گهڻو مايوس ٿي چڪو آهي، ننڍي چونڊ ۾ ان پنجاب ۾ اميدوار ئي نه بيهاريا،ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ کي سوڀ ملي آهي،سنڌ ۾ پ پ کي ڪاميابي ملي آهي، ڪا وڏي تبديلي نه آئي آهي،هن ڀيري مريم نواز،حمزا شهباز،شهبازشريف پنهنجون ڇڏيل سيٽون ٻيهر حاصل ڪيون آهن،پي ٽي آءِ جو ووٽر تمام گهڻو ڊپريس ٿي چڪو آهي، ووٽر کي سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته ان جي پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ جا امڪان ناهن ان ڪري اهو گهران ئي نه نڪتو،ايندڙ 5 سالن کان پوءِ به پي ٽي آءِ جي ووٽر کي پولنگ اسٽيشنن تي واپس نه آڻي سگهبو،ننڍي چونڊ گهڻين ئي پارٽين کي سياسي پيغام ڏئي وئي