صدر زرداري گئس لائن رٿا تي ايران کي مطمئن ڪري وٺندو: تجزئي نگار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عالمي لاڳاپن جي ماهر ۽ سيڪيورٽي تجزئي نگار ڊاڪٽر رفعت حسين جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران ايران جي ڪوشش هوندي ته صدر ابراهيم رئيسي جي دوري دوران پاڪستان مان ڪنهن حمايت جو پيغام کڻي وڃي،سندس چوڻ هو ته اسرائيل سان ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به ملڪ کليل نموني ايران جي حمايت نه ڪئي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ايران جي ڪوشش هوندي ته دنيا کي اهو تاثر ڏنو وڃي ته پاڪستان سان سندس لاڳاپا تمام سٺا آهن.پاڪستاني پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته ”پاڪستان پنهنجي معزز مهمان جي استقبال جو منتظر آهي“.اڳوڻي سفير رفعت مسعود چيو ته مغربي ملڪ ۽ خاص طور تي آمريڪا ڪڏهن به اهو نه چاهيندو ته پاڪستان ۽ ايران ويجھا اچن ۽ جيڪو به ملڪ ايران جي ويجهو اچي ٿو اهو آمريڪا جي دٻاءُ ۾ آهي.پاڪستان جون حڪومتون هميشه آمريڪا ۽ مغربي دنيا کي ٻڌائينديون آهن ته ايران اسان جو پاڙيسري آهي ۽ ان سان اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن ڪوئنسي انسٽيٽيوٽ فار ريسپانسبل اسٽيٽ ڪرافٽ جي مڊل ايسٽ پروگرام جي ايسوسيئيٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊم وائنسٽن جو چوڻ آهي ته پاڪستان مٿان صدر رئيسي جي دوري تي ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ نه هوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا مثالي ناهن.ايڊم وائنسٽن موجب صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جو مقصد ايران کي اهو پيغام ڏيڻ ٿي سگهي ٿو ته وچ اوڀر ۾ اسرائيل سان ڇڪتاڻ باوجود سڀ ڪجهه معمول تي آهي.واشنگٽن ۾ نيو لائينز انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجي اينڊ پاليسي جي ڊاڪٽر ڪامران بخاري چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته مغربي دنيا خاص ڪري واشنگٽن ۾ ڪو به صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان دوري تي ايترو ڌيان ڏئي رهيو آهي، پر اها پڪ آهي ته دنيا هن وقت ايران جي هر قدم کي ڏسي رهي آهي.ايران-پاڪستان گيس پائيپ لائين منصوبو هڪ پراڻو منصوبو آهي جنهن کي اهم اڳڀرائي تڏهن حاصل ٿي جڏهن 2013ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ ان وقت جي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ايران جي دوري دوران ان جو افتتاح ڪيو هو، پر ان کانپوءِ. ڪا خاص پيش رفت نه ٿي سگهي.آمريڪا کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان گيس پائيپ لائين تي سخت تحفظات آهن ٻئي طرف پاڪستان کي اهو به خدشو آهي ته تهران گئس پائيپ لائين منصوبي تي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اهو معاملو عالمي عدالت ۾ وڃي سگهي ٿو جتي اسلام آباد کي 18 ارب آمريڪي ڊالرن جو ڏنڊ لڳي سگهي ٿو.ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ايران جي سرحد کان بلوچستان جي گوادر ضلعي تائين 80 ڪلوميٽر ڊگھي گئس پائيپ لائين وڇائڻ جو ارادو رکي ٿو پر آمريڪي پابندين کان بچڻ لاءِ ان گئس پائيپ لائين جي تعمير کان اڳ واشنگٽن کي مطمئن ڪرڻو پوندو.رفعت حسين چيو ته آصف زرداري هڪ تجربيڪار سياستدان آهي ۽ کيس ٻيهر ملڪ جو صدر چونڊيو ويو آهي. هو ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو ته پاڪستان گئس پائيپ لائين بابت پنهنجو حصو جلد مڪمل ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.