چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ بابت غورويچار؟

اسلام آباد (اسدطور) ججن ۽ چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ واري عمر وڌائڻ بابت ملڪ جي اھم بارز ۾ ويچاريو پيو وڃي.جنھن موجب رٽائرمنيٽ واري عمر  65 کان 68 تائين ڪئي مقرر ڪرڻ تي غور ٿي رھيو آھي.اھڙو غور بارز جي انھن حلقن ۾  ٿي رھيو آھي.جيڪي حڪومت جي اختيارين ۽ اعليٰ عدليھ جي اھم عھدي وارن جي  بھ  ويجھو سمجھيا پيا وڃن.ھن وقت تائين اھو سڀ ڪجھ ابتدائي مرحلي ۾ آھي 3 مئي تي جڊيشل ڪميشن جو اجلاس  ٿي رھيو آھي.جنھن ۾  ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز جي مقرري بابت   نئين قانون تي غور ڪيو ويندو.ھن  کان اڳ واري رولز موجب چيف جسٽس جي رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ سينئر ترين جج چيف جسٽس جي عھدي تي خودبخود مقرر ٿي ويندو ھو.پر  نئين رولز موجب 5 سينئر ترين ججن مان ھڪ مناسب جج جي چونڊ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.