حيدرآباد: سگريٽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻ کانسواءِ سگريٽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري 13 هزار کان وڌيڪ پيڪٽ هٿ ڪيا ويا.
ريجنل ٽيڪس آفيس حيدرآباد پاران مختلف شهرن ۾ بغير ٽيڪس وارا سگريٽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون.
ڪارروائي دوران مختلف دڪانن ۽ گودامن تي سگريٽن جي پيڪٽن تي سيلز ٽيڪس ۽ ايف اي ڊي تصديق ٿيل اسٽيمپ جي جاچ ڪئي وئي.
ريجنل ٽيڪس آفيس جي ٽيم پاران 195 ڇاپن دوران بنا ٽيڪس ادا ڪيل ساڍا 13 هزار کان وڌيڪ سگريٽن جا پيڪيٽ ضبط ڪيا.
ريجنل ٽيڪس آفيس حيدرآباد جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سگريٽن جي سمگل روڪڻ لاءِ ڪارروايون جاري رکيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.