اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ايران گڏيل قانوني سهڪار جو معاهدو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب ٻنهي ملڪن گڏيل قانوني سهڪار جو معاهدو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي ڪابينا ايران سان گڏيل قانوني سهڪار جو معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا کان ايران سان گڏيل قانوني سهڪار جي معاهدي جي منظوري به ورتي وئي آهي، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمري جي وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي منظوري ڏني.
ذريعن موجب قانوني معاهدي ۽ قانوني ايم او يو تي صحيحون ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري دوران ڪري سگهجن ٿيون، پاڪستان ۽ ايران سول ۽ ڪمرشل معاملن ۾ گڏيل قانوني سهڪار جو معاهدو ڪندا.
You might also like