دبئي ڪراٽي ڪومبيٽ مقابلن ۾ پاڪستان جي ڀارت کي شڪست

دبئي ( ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ ٿيل ڪراٽي ڪومبيٽ مقابلن ۾ پاڪستاني فائيٽرز ڇانيل آهن، پاڪستاني فائيٽرز شاهزيب رند ۽ علي رضوان ڀارتي مخالفن کي پهرئين ئي رائونڊ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي ٻئي علومي ڪريم جي جاءِ تي وڙهندڙ فيضان خان ڀارتي مخالف هٿان هارائي ويو.
تقريب جي شروعات ۾ پهرئين رائونڊ ۾ ئي رضوان علي سولائي سان ڀارت جي پون گپتا کي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
ٻئي رائونڊ ۾ علومي ڪريم جي جاءِ تي وڙهندڙ فيضان خان ڀارتي مخالف همانشو ڪوشڪ کان هارائي ويو.
ٽئين رائونڊ ۾ شاهزيب رند جو مقابلو ڀارت جي رانا سنگهه سان ٿيو.
ميچ جي شروعات ۾ ئي شاهزيب رند مخالف رانديگر تي مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن تي ڀارتي رانديگر پوئتي هٽي ويو، نيٺ هن ڀارت جي رانا سنگهه کي پهرئين ئي رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
اهڙي ريت پاڪستان ڀارت کي ٻه هڪ سان شڪست ڏئي ڇڏي.
تقريب ۾ موجود ڀارتي سپر اسٽار سلمان خان به شاهزيب رند کي مبارڪون ڏنيون.
فتح تي شاهزيب رند پاڪستاني جهنڊو به ڦڙڪايو.
ان کان اڳ پاڪستاني شاهزيب رند ۽ ڀارتي رانديگر رانا سنگهه اسٽيج تي موجود هئا ان دوران شاهزيب رند ڀارتي مخالف کي چماٽ وهائي ڪڍي هئي جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.