سکر پوليس، ايف بي آر آفيسر ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ لهي پئي

سکر( ويب ڊيسڪ ) سکر پوليس، ايف بي آر آفيسر ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ لهي پئي.
سکر پوليس اٽالن سان گڏ سڌوجا ۽ قادر پور جي ڪچي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو.
ايف بي آر آفيسر ۽ ٻين مغوين جي جلد بازيابي جو سکر ۽ گهوٽڪي پوليس کي ٽاسڪ مليل آهي.
ذريعن موجب مغوي جي بازيابي جي سلسلي ۾ پوليس آفيسرن راڄوڻي ڪوششون به تيز ڪري ڇڏيون آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل ايف بي آر جي آفيسر جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي.
ايف بي آر جي آفيسر جي اغوا واري معاملي تي ڪجهه ڏينهن اڳ صوبائي گهرو وزير، ايس ايس پي آفيس گهوٽڪي ۾ اجلاس به گهرايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.