لاهور ( ويب ڊيسڪ ) بشام ۾ چيني انجنيئرز جي قافلي تي آپگهاتي حملي بابت پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي جي فرانزڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيني انجنيئرز جي گاڏي بم پروف نه هئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪمانڊنٽ ايس ايس يو انڪوائري ڪاميٽي سامهون ذميواري نه وٺڻ جي حوالي سان مڃيو آهي، ڊائريڪٽر سيڪيورٽي داسو هائيڊرو پراجيڪٽ ۽ ڪمانڊنٽ اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ سيڪيورٽي ليپس جا ذميوار آهن.
جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ موجب سي ٽي ڊي خيبرپختونخوا جي رپورٽ به ملي چڪي آهي جنهن موجب گاڏي بليٽ پروف نه هئي.
You might also like