صوبائي صلاحڪار جي گاڏي مان هٿيار ملڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي:جماعت اسلامي

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان گذريل ڏھاڙي سنڌ بلوچستان جي دنگ جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار جي پُٽ ۽  پوليس وٽان جديد غير قانوني هٿيار پڪڙجڻ واري واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مُراد علي شاه کي هاڻي ان سوال جو جواب مليو ويو آهي ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي موت مار جديد هٿيار ڪير ٿو پهچائي. هن چيو ته اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جي ظالم وڏيرن، پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن توڙي ڌاڙيلن جي نيٽ ورڪ سنڌ ۾ ڦرن ۽ اغوا کي هڪ منافعي بخش ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ ٽئي ڌُريون شامل آهن ۽ وري انهن ٽنهي جي سرپرستي سنڌ سرڪار ڪري رهي آهي. جيڪب آباد واقعو ان جو چٽو ثبوت آهي. جيستائين ان نيٽ ورڪ کي ختم ڪونه ڪيو ويندو سنڌ ۾ امن امان بحال ۽ ڌاڙيل راڄ هرگز ختم ڪونه ٿي سگهندو، جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان گهر ڪئي ته ڌاڙيلن کي جديد ۽ غير قانوني هٿيار پهچائيندڙ توڙي اغوا ۽ ڦُرلُٽ جي واقعن ۾ ملوث ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن مت ڀيد جي سياسي مصلحت کان بالاتر ٿي ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي. ايس ايس پي جيڪب آباد کي گهرجي ته هو ضمير فروشي ڇڏي بنا دير پريس ڪانفرنس گهرائي هٿيار اسمگلنگ ۾ ملوث اصل ڪردارن کي ظاهر ڪري پنهنجي منصب جي لڄ رکي، ڀوتارن جي ڪمداري وارو ڪردار ڇڏي دليرانه ڪردار ادا ڪري. هٿيار پڪڙيندڙ انچارج اسپيشل اسڪواڊ طارق ترين ۽ ٽيم کي شاباس ڏيڻ بدران بدلي ڪرڻ ناانصافي آهي. صوبائي صلاحڪار جي گاڏي مان هٿيار پڪڙجڻ مان ثابت ٿي ويو ته پيپلزپارٽي پاڻ هٿ وٺي سنڌ جو امن تباهه ڪري رهي آهي. اڳ ۾ شڪارپور جي هڪ ايس ايس پي ان وقت جي هڪ صوبائي وزير خلاف ڌاڙيلن جو ساٿاري ۽ بنگلي تي پناھ ڏيڻ جي رپورٽ ٺاهي مٿي موڪلي هئي ان تي ڪاروائي بدران سنڌ سرڪار ان آفيسر کي ئي بدلي ڪري ڇڏيو ان مان سنڌ حڪومت جو صوبي ۾ امن جي بحالي لاءِ سنجيدگي جو ڪوبه اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.