”مٿان“ کان دٻاءُ،هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ملوث ڪردار آجا؟

اسلام آباد(عمر چيما) جيڪب آباد پوليس ”ڪمال“ جي ڪارروائي ڪئي آهي،صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو جي پٽ کي پوليس  ڇڏي ڏنو،وڏو وزير چوي ٿو ته ڪچي ۾ هٿيار ڪيئن ٿا اچن ان سوال جو جواب کيس ڪالهوڪي واقعي سان ملي ويو آهي،هڪ پوليس آفيسر ٻڌايو ته ڌاڙيلن کي وڏيرن جي حمايت حاصل آهي، قبيلائي جهيڙن ۾ ڌاڙيل بڻجي ويندڙن کي وڏيرا استعمال ڪن ٿا، ان سان هڪ نئين معيشت تيار ٿي وئي آهي،خوف ۽ ڏهڪاءُ استعمال ڪري ماڻهن کان پئسا اوڳاڙيا وڃن ٿا،پوليس مٿان کان دٻاءُ اچڻ سبب هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدار کي ڇڏي ڏنو آهي، ڪچي ۾ ڌاڙيلن جا 21 گروپ آهن جن ۾ ٽي چار سئو ڌاڙيل شامل آهن، صوبائي حڪومت جي ترجيحن ۾ امن شامل ناهي، هٿيار پوليس جي نگراني  ۽ صوبائي صلاحڪار جي پٽ جي سرپرستي ۾ اچي ٿو، پوليس آفيسر ٻڌايو ته هٿيار چور رستي ذريعي اچن ٿا،اڳ ۾ اهڙا واقعا ٿيا آهن، جمهوريت جي نالي تي خراب حڪمراني جي صورت ۾ جيڪڏهن ماڻهن جو ائين استحصال ٿيندو رهيو ته عام ماڻهو جي نظر ۾ جمهوريت ساک وڃائي ويهندي،ان صورتحال ۾ جيڪڏهن طالبان اچي امن امان قائم ڪيو ته ماڻهو ان جي آجيان ڪندا،ڪچي ۾ اڳوڻي آءِ جي سنڌ مقامي پوليس بدران رينجرز ۽ اسپيشل ڪمانڊو فورس جون خدمتون حاصل ڪيون هيون،ڇو ته مقامي پوليس وڏيرن ۽ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي کان لاچار آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.