ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ واسي ٻن نوجوانن لياقت شيخ، محبوب ملڪ کي ڏوھاري دوکي سان کڻي ويا ڏوھارين فون ڪري 50 لک ڀنگ گھر ڪئي آهي، پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪجهھ نه ڪري سگهي آهي،مغوين جي وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ظريف بجاراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، عبيد الله ميرالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ٻئي پاسي اغوا ٿيل معصوم نينگر اياز پٺاڻ جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ شهرين پاران ڪشمور روڊ انڊس ھاءِ وي تي رڪاوٽون رکي ڪري احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري سنڌ کان ٻين صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل بند ٿي وئي، روڊ بند ٿين سبب ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون. پوليس مظاهريسن سان ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن اندر نينگر جي بازيابي جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.