لاهور ( م ڊ ) لاهور ۾ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ ڪلو مرغي جي قيمت ۾ 200 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ پنجاب جي آفيسرن موجب ڪڪڙ مافيا جي واهپيدارن واٽس ايپ گروپن تي اگهه وڌائڻ لاءِ مرغي جي اگهه ۾ 200 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي. پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز ان ڳٺ جوڙ جو سخت نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، پولٽري فارمرز ۽ واپارين کان اسٽاڪ ڊيٽا طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته پولٽري فارمرز ۽ واپارين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ذريعن موجب ڪمپيٽيشن ڪميشن آف پاڪستان به مرغي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺندي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.
-
بشريٰ بي بي جو چيڪ اپ مڪمل، ڊاڪٽرن رپورٽون ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيون
اسلام آباد ( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جو چيڪ اپ مڪمل ٿي ويو، ڊاڪٽرن سموريون رپورٽون ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيون.ذريعن موجب بشرا بي بي ٽيسٽ لاءِ اسلام آباد جي خانگي اسپتال ۾ 6 ڪلاڪ رهي، جتي ان جون اينڊو اسڪوپي سميت ڪيترائي ٽيسٽ ڪيا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته بشرا بي بي رت جي ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ۽ رت جو نمونو به نه ڏنو. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته بشرا بي بي جي اينڊو اسڪوپي، الٽراسائونڊ، ايڪو ۽ اي سي جي ڪئي وئي، جڏهن ته عمران خان جو ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم به چيڪ اپ دوران موجود هو. ذريعن موجب ڊاڪٽرن سموريون رپورٽون ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيون آهن. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته بشرا بي بي کي معدي جو معمولي مسئلو آهي.