لاهور (مبشر لقمان) صدر جي پارليامينٽ کي خطاب جي موقعي تي ميان نوازشريف ۽ مريم نواز جي غير موجودگي جو سبب گورنرن جي مقرري تي اختلاف آھي۔ پيپلز پارٽي جنهن کي پنجاب جو گورنر لڳرائڻ چاهي ٿي اهو وزيراعلي مريم نواز کي پسند نه آھي۔ معروف صحافي مبشر لقمان جو ان حوالي سان پنهنجي وا لاگ ۾ چوڻ آھي ته مسلم ليگ (ن) جو دٻاء آھي ته پيپلزپارٽي حڪومت ۾ شامل ٿئي ۽ اميد آھي ته پي پي پي بجيٽ کان پوء وفاقي حڪومٿ ۾ شامل ٿي ويندي پر جيڪڏهن شامل نه ٿي ٿئي ته پوء رانا ثناءالله ۽ جاويد لطيف کلي ڪري سامهون ايندا ۽ پوء حڪومت جو ڌڙن تختو ٿي ويندو۔ ھن چيو ته سعودي عرب جي وفد سان ملاقاتن ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ويهي ٿو جڏهن ته بلوچستان جي معدنيات وارو وزير به موجود نه آھي۔ هن چيو ته مفتاح اسماعيل جو چوڻ آھي ته هن ڀيري پاڪستان ڏيوالپڻي جو جيترو ويجهو آھي ايترو اڳ ڪڏهن به نه رهيو آھي۔ هن چيو ته سعودي عرب سيڙپڪاري لاء آيو آھي پر هو ڪٿي سيڙپ ڪرڻ گهرن ٿا ان جو ڪو پتو ئي نه آھي۔ هن چيو ته حڪومت وٽ بينڪن کان ورتل قرض جو وياج لاهڻ جا پيسا ئي نه آھن ته پوء مور ڪٿان ڏيندي ۽ ڪاروبار ڪهڙو هلندو۔ ڊالر ته ايڪسپورٽ سان ايندا۔ حڪومت جن 35-لک دڪاندارن کان رٽيلرز ٽيڪس وٺڻ جو چيو هو انهن مان رڳو 50-ڄڻن کي رجسٽرڊ ڪري سگهي آھي۔ هن چيو اهڙي صورتحال ۾ شايد حڪومت ته نه ڪري پر معاشي سڪون به نه ايندو۔