ڀنڀور تي والار، تاريخي ماڳ 640 مان 40 ايڪڙن تائين رهجي ويو

ڌاٻيجي/ڀنڀور (رپورٽ: مقصود احمد جوکيو) ڀنڀور تي ولار جو سلسلو اڃا تائين رڪجي نه سگهيو آهي، روينيو پاران 640 مان گهٽتائي ڪري 307 ايڪڙ نئي رڪارڊ ۾ زمين ڄاڻائي وئي آهي، تنهن تي به قبضا جاري  آهن، جنهن ڪري 40 ايڪڙ قلعن تي ڀنڀور محدود ٿي ويو آهي، جنهن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري تاريخي قلعا ميسارجڻ لڳا آهن، جنهن سبب تاريخي ماڳ پنهنجي تاريخي سونهن وڃائڻ لڳو آهي، گذريل سال جنوري ۾ کوٽائي دوران جانورن جا سڱ، پتل جا سڪا، مٽي جا رانديڪا ۽ جانورن جا هڏا ۽ ٻيو نوادرات هٿ آيون هيون، قبضن ٿيڻ سبب ڀنڀور  چئني پاسن کان مڪمل طور تي سوڙھو ٿي ويو آهي ۽ اهو پنهنجي تاريخي سونهن وڃائيندو پيو وڃي. هن وقت گهاري لڳ آثار قديما جي صورت ۾ بي يارو مددگار بڻيل ڀنڀور  پنهنجون آخري نشانيون به وڃائي رهيو آھي. سواءِ ڀنڀور  جي ڀٽن واري شهر کان سواءِ ڀنڀور جي چوڌاري واري زمين ڪنهن به حوالي سان محفوظ ناهي رهي، ڀنڀور  پنهنجي تاريخي سونهن وڃائڻ لڳو آهي.

ايوب جي دور ۾ ڀنڀور جي زمين 640 ايڪڙ ھئي:سياسي سماجي اڳواڻ

ڀنڀور:ٺٽو سان تعلق رکندڙ سماج سڌارڪ اڳواڻن رحيم خان شورو، فقير نبي بخش ڪلمتي، جلال شاھ، نظام جوکيو، اقبال جاکري، ذولفقار  خاصخيلي عادل شاھ  ۽ ٻين ڀنڀور تي ٿيندڙ قبضي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايوب جي دور ۾ ڀنڀور جي زمين جي ايراضي 640 ايڪڙ ھئي، جيڪا 2007 ۾ محترم جي شهادت کانپوءِ ٺٽي ضلعي جو روينيو پاران رڪارڊ سڙڻ جو جواز ڄاڻائي 307 ڄاڻائي ڪري تاريخي ماڳ سان ويڌن ڪئي وئي  آھي  پر ڄاڻايل تاريخي ماڳ جي زمين تي به ، روينيو جي ملي ڀگت سان بااثرن لينڊ مافيا، روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڀنڀور جي زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ان تي قبضو ڪري ورتو آهي. هنن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي تاريخي ماڳ ڀنڀورکي بچائڻ لاءِ  پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

1958ع ۾ ديبل بندرگاهه جي کوٽائي شروع ڪرائي وئي هئي

ڌاٻيجي: سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جو 1958 ۾ ايوب جي دور ۾ ديبل بندرگاهه جي کوٽائي شروع ڪرائي وئي، کوٽائي دوران 3 دورن جا  سيتي فارسي، برهمڻ هندو، مسلم انسان جا ڍانچا، مٽي جا ٿانو، ٺڪر ۽ لوهه جي اوزارن سميت ٻيون شيون مليون هيون، 1960 ۾ تاريخي ميوزيم طور تي هن جو بنياد رکيو ويو، تڏھن ڀنڀور 640 ايڪڙن تي قائم هو، هاڻي ڀنڀور وڃي 40 ايڪڙن جي لڳ ڀڳ زمين تي بڇيو آھي، جنهن ۾  تاريخي اثاثا رکيا ويا.

ڀنڀور تي اٽلي ۽ پاڪستان جو گڏيل طور تي تحقيق تي 10 سالن کان ڪم هلندڙ

ڀنڀور : ماضي ۾ جن به ملڪن پنھنجي تاريخ ۽ ثقافت  کي وساريو آهي، ڄڻ ته انھن پنھنجو زوال شروع ڪيو آهي، تاريخ ۽ ثقافت ملڪن جي ڪرنگي واري هڏي جيان حيثيت رکن ٿيون، جن کي سدائين اجاگر ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. هنن آرڪيالاجي ۽ نوادرات جو ڀنڀور تاريخي ماڳ آھي، جنھن تي ٿيل تحقيق ۾ ڪيترائي قصا، پيغام ۽ نياپا سمايل آھن، انھن کي سمجھي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي. ڀنڀور هڪ اهم تاريخي ورثو آھي، جنھن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي، اٽلي جي ماھرن سان گڏيل طور تي هر سال کوجنا ڪئي ويندي آھي جيڪي شيون فرانس ۽ اٽلي موڪليون وينديون آھن. ڀنڀور سنڌ جو تاريخي ۽ انتھائي اھميت جوڳو ماڳ آھي، جنھن تي اٽلي ۽ پاڪستان جي ماھرن سان گڏ تحقيق وقتن به وقت هلندڙ آھي، اٽلي ۽ پاڪستان جو گڏيل طور تحقيق ۽ کوجنا تي 10 سالن کان ڪم ھلندڙ آھي، ڀنڀور ۾ تحقيق دوران ھاٿي جا ڏند، سڪا، زيور، مِٽي جا ٿانو ۽ ٻيون به انساني زندگي جي استعمال جون شيون ھٿ آيون آھن،  ڀنڀور جي ماڳ تي ڀنڀور ۽ ديبل جي نالي سان پراڻو بحث ھلندڙ آھي، پر ھي ڀنڀور جو ماڳ ئي آھي.

تاريخ ماڳ ڀنڀور کي عالمي مڃتا مليل آهي

ڌاٻيجي : تاريخي ماڳ ڀنڀور جنهن کي عالمي  مڃتا مليل آھي، تاريخي ماڳ ماضيءَ جو هڪ تمام خوشحال شھر سنڌو دريا ڪناري بندر جي ملڪيت سبب وڏو واپاري مرڪز پڻ رهيو آھي، هتان ئي سنڌو دريا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، هي ماڳ هندو مذهب جو هڪ اهم ترين قلعو ۽ مرڪز جي حيثيث سان پڻ تاريخ ۾ اهم جڳھ والاري ٿو، جتان ديبل جي قلعي تي محمد بن قاسم “منجنيقن” سان وڏن پٿر اڇلائي حملو ڪري قلعي اندر موجود اهو مذهبي عقيدي جو اهڃاڻ جهنڊو ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، جنهن جي موجودگي ۾ عقيدي موجب ته ڪابه قوت کين شڪست نٿي ڏئي سگهي ۽ مهاراجا ڏاهر جي سلطنت جي هن اهم حصي تي قبضو ڪيو ويو، جنهن قلعي جا آثار اڄ به زبون ترين حالت ۾ موجود آھن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.