جيڪب آباد ۾ ڪارروائي، هٿيارن جي کيپ هٿ

ڪراچي (رپورٽر)بدامنيءَ جي آڙاھه ۾ ٻرندڙ لاڙڪاڻو ڊويزن ھٿيارن جي کيپ پڪڙجي پئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪارپور ضلعي سان تعلق رکندڙ صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو جو پٽ پ پ ضلعي  ڪائونسل جو ميمبر جونيئر الطاف ڀيو سرڪاري پروٽوڪول ۾هلندڙ پوليس موبائيل ۽ پوليس اهلڪارن سميت 4 نجي ملازمن سميت بلوچستان صوبي مان ايل ايم جون ھزارين رائونڊ گوليون، ڪلاشن ڪوف جي گولين جون پيتيون، جي ٿري رائفل سميت وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جيڪي بلوچستان صوبي مان جيڪب آباد منتقل ٿي رهيا هئا، پوليس شنبي شاھه چوڪي وٽ حساس ادارن جي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪندي هڪ ويگو گاڏي ۽ سنڌ پوليس جي موبائل پڪڙي ورتي ته انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ٻئي طرف اهلڪار ثناءُ الله مڱڻهار، پي سي بقاءَ الله، امتياز ڪوري ڀيو، ذاڪر حسين، اختيار، نبيل، توفيق ۽ ٻين کي پوليس حراست ۾ ورتو ويو آهي. جڏهن ته ذريعن موجب بااثر وڏيري جو پٽ پنهنجي ويگو گاڏي سميت آزاد ٿي چڪو آهي. هوڏانهن ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته بلوچستان صوبي مان هٿيار اسمگل ڪيا پيا وڃن، ٿڏي تي ڪارروائي ڪري هٿيارن جي کيپ هٿ ڪري ورتي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.