مسلم ليگ (ن) کي اقتدار سنڀالڻ تي پڇتاءَ ٿيڻ لڳو

لاهور (نجم سيٺي): مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي اقتدار سنڀالن جي ڪجهه ئي عرصي اندر اهو احساس ٿي ويو آهي ته سندن جو اقتدار سنڀالڻ جو فيصلو درست نه هيو، اهڙو اظهار ملڪ جي نامياري صحافي ۽ تجزيه ڪار نجم سيٺي ٽي وي ٽاڪ شو ۾ ڪيو آهي، سندس جو اهو به چوڻ آهي ته چونڊن کان اڳ ملڪ جي سگهارن ادارن ۽ شخصيتن مسلم ليگ (ن)  جي قيادت کي اها خاطري ڪرائي هُئي ته چونڊن ۾ ملسم ليگ (ن) کي واضع اڪريت ملندي پر چونڊن جي نتيجن بعد اها ڳالهه واضع ٿي سامهون آئي ته مسلم ليگ (ن) واضع اڪثريت حاصل ڪري نه سگهي. جنهن ڪري سگهارن ادارن ۽ شخصيتن مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي جيڪا خواب ڏيکاريا هيا اهي چڪنا چور ٿي ويا. نجم سيٺيءَ جو اهو به چوڻ آهي ته سگهارن ادارن ۽ شخصيتن پاران خاطري ڪرائڻ باوجود چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) کي اڪثريتي نموني ڪاميابي نه ملڻ ڪري مسلم ليگ (ن) جي قيادت سخت ذهني مونجهاري ۽ دٻاءَ جو شڪار آهي، جنهن ڪري مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي سوچن ۽ پارٽيءَ اندر بي يقيني، بي اطميناني  پيدا ٿي رهي آهي. نجم سيٺي ملسم ليگ (ن) جي سياسي قيادت، حڪومتي سرگرمين ۽ اڳواڻ وچ ۾ موجود بي اطمينانيءَ جي ڪيفيت تي پڻ تفصيلي طور تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي، هُن ان ڏس ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت سان چونڊن کان اڳ سگهارن ادارن ۽ شخصيتن جي ملاقاتن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي جن کين يقين ڏياريو هيو ته چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، پر چونڊن جي نتيجن پڌرو ڪيو ته مسلم ليگ (ن) وڏي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهي آهي. ان سلسلي ۾ هن شهباز شريف جي هڪ انٽريو جو حوالو پڻ ڏنو آهي جنهن ۾ هُن چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪري وياسين ته ملڪ جو وزير اعظم نواز شريف ٿيندو ۽ جيڪڏهن اڪثريت حاصل ٿي نه سگهي ته پوءِ حالتن جي آڌار تي فيصلو ڪبو. نجم سيٺيءَ موجب مسلم ليگ (ن) جي قيادت اقتدار حاصل ڪرڻ نه پئي چاهيو جنهن جو اظهار شهباز شريف پڻ ڪري چڪو آهي، ملسم ليگ (ن) کي زبردستي اقتدار سنڀالڻ لاءِ دٻاءَ وڌو ويو جڏهن ته ملسم ليگ (ن) جي خواهش هئي ته اقتدار پيپلز پارٽي سنڀالي ۽ مسلم ليگ (ن) ٻاهر ويهي پيپلز پارٽيءَ جي مدد ڪري.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 20 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.