عمران خان جو 9-مئي وارو ڪيس ٻڌندڙ جج خلاف ريفرنس

ڪراچي (م ڊ/عمر چيما) عمران خان جو 9-مئي وارو ڪيس ٻڌندڙ جج ملڪ اعجاز آصف جي خلاف سرڪار پاران رفرنس داخل ڪيو ويو  آھي ۽ سرڪاري وڪيلن هن آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي۔ معروف صحافي عمر چيما پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آھي ته اسپيشل جج اينٽي ٽيررزم ملڪ اعجاز آصف اچڻ شرط عمران خان ۽ شاه محمود قريشي کان درخواست وٺي کين فرجون ڏياريون جڏهن ته جج سان گڏ ايندڙ عملي کان جيل عملي تلاشي ورتي ته ان تي ڪاوڙجي جج صاحب جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ اسسٽنٽ جيل سپرنٽينڊنٽ جا پٽا ۽ بوٽ لهرائي ٽي ڏينهن مسلسل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو چيو۔ جج ملڪ اعجاز آصف بابت چيو وڃي ٿو ته هو بچاء واري ڌر جو پاسو کڻندو آھي۔ هن چيو ته ڊسٽرڪٽ پروسيڪيوٽر راولپنڊي ڪيس ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي۔ جڏهن ته ٻين سرڪاري وڪيلن به ڪورٽ ۾ پيشي کان  نابري واري ڇڏي آھي۔ هنن وڪيلن جو چوڻ آھي ته جيل حڪام جي به عزت ٿيندي آھي۔ جڏهن عمران خان آڏو جيل عملي کي ملزم ڪري بيهاريو ويندو ته انهن جي ڪهڙي عزت رهندي۔ رفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته عمران خان ۽ شاه محمود قريشي کي سهوليتون ڏيندڙ جج سرڪاري ڌر کان پڇڻ کانسواء ئي کين اهي سهوليتون ڏيڻ جا آرڊر ڪيا آھن۔ کين ٻڌڻ لاء ڪو نوٽيس جاري نه ڪيو ويو هو۔ جيڪو حڪم هڪ طرفو آھي ۽ هاء ڪورٽ جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي تي جج خلاف تاديبي ڪاروائي ڪئي وڃي۔ عمر چيما چيو ته عام طور تي هڪ جج جي مقرري جي مدت ٽي سال هوندي آھي ۽ ملڪ اعجاز آصف کي رڳو هڪ سال ئي ٿيو آھي پر هاڻي کيس بدلي ڪيو ويندو۔

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 20 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.