اقتدار خاطر سنڌ جي 60 هزار ايڪڙ زمين انعام طور ڏني وئي آهي: راشد محمود سومرو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) هن وقت عالمي ۽ ملڪي حالتن کان اسين چڱي ريت واقف آهيون، 2 مئي تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ عظيم الشان  جلسي ۾ سڀني حقيقي مسئلن تي آواز اٿاربو، جنهن ۾سنڌ جي 60 هزار ايڪڙ زمين، ڪارونجهر جو وڪرو ۽ ڪينجهر جي نيلامي، مظلوم فلسطينين سان ٿيندڙ ظلم و جبر ۽ آءِ ايم ايف کان معاهدن تحت حاصل ٿيندڙ قرض ۽ عوام تي مڙهيل ٽيڪسن سميت ٻيا اهم معاملا شامل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار جي يو آءِ (ف) سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته اقتدار خاطر صدارتي ڪرسي عيوض سنڌ جي 60 هزار ايڪڙ زمين انعام طور پيش ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪارونجهر ۽ ڪينجهر جي نيلامي به اهڙن انعامن جو حصو آهي. ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جا اڳواڻ مولانا عبدالڪريم عابد، مولانا احسان الله ٽڪروي، مولانا اجمل شاهه شيرازي، قاري حمدالله حقاني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.