پريا ڪماريءَ کي ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائڻ جو امڪان

سکر (رپورٽ: آزاد مهر) 9 محرم الحرام سکر جي علائقي سنگرار  ۾ سبيل هلائيندي اغوا ٿي ويل پريا ڪماري بابت ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا ذريعي دعويٰ ڪئي وئي هئي ته پريا ڪماري ڪراچي جي ڪنهن ٽيوشن سينٽر ۾ پڙهي رهي آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي وري پريا ڪماري جي سنگرار جي شاهه وٽ هجڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون، ذريعن موجب  ان ڏس ۾ تازو علائقي ۾ ٻيهر  چوٻول هلي رهيا آهن ته پريا ڪماري واقع ئي شاهه وٽ آهي ۽ هو دٻاءُ سبب ڊرامائي انداز ۾  پريا ڪماري جي واپسي ڪرائڻ جو سوچي رهيا آهن جڏهن ته ذريعن وٽان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته علائقي جا بااثر پريا ڪماري جو ڪيس هاءِ  پروفائل ٿيڻ بعد اهو سوچي رهيا آهن ته نينگري کي ڪهڙي ذريعي منظر عام تي آندو وڃي تمام جلد اهو معاملو  ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهن. . واضع رهي ته 9 محرم الحرام جي ڏينهن سبيل هلائي ڪربلا جي شهيدن جي عشق ۾ نڪتل قافلن جي اڃ مٽائي انسانيت  کي زنده ڪرڻ لاءِ بيٺل معصوم نياڻي پرياڪماري کي اغوا ڪيو جنهن جو هن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، نينگري کي سال گذري وڃڻ باوجود ۽ ان واقعي بعد سکر ضلعي ۾ ڪيترن ئي ايس ايس پيز جي اچڻ باوجود هن وقت تائين نينگري جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهنڪري سندس والد ۽ والده ذهني توازن وڃائڻ واري حد تائين پهچي ويا آهن، هوڏانهن وري الزام هيٺ آيل شاهد شاهه پاران صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي سڄي سنگرار کي خبر آهي ته آءّ نياڻي پريا ڪماري جي بازياب لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪئي آهي هاڻ وري علائقي ۾ اهي چوٻول هلي رهيا آهن ته پريا ڪماري واقع شاهه وٽ آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران پڻ ٺاهيل جي آءِ ٽي اڃا ڪابه رپورٽ پيش نه ڪري سگهي آهي جنهن مان اهو لڳي رهيو آهي ته پوليس سنگرار جي شاهه کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي نينگري جي ڪنهن ڊرامائي انداز ۾ بازيابي ڪرائڻ ۾ سرگرم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.