لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فيض آباد ڌرڻي ڪميشن صحيح نتيجن تي پهچڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن و ڌيڪ چيو ته مون خلاف منشيات جو ڪيس جنرل (ر)باجوا ۽ فيض حميد جي مرضي سان ٺهيو،باجوا جو عمران خان سان جهيڙو اپوزيشن کي ختم ڪرڻ تان ٿيو،اپوزيشن جي تحريڪ ۾ ايترو دم خم ناهي جو حڪومت خلاف ڪو مسئلو پيدا ڪري سگهي.