اسلام آباد(اسد طور) پاڪستان آرمي جي ھڪ اھم ليفٽيننٽ جنرل استعفيٰ ڏئي ڇڏي آھي.ليفٽيننٽ جنرل ايمن بلال صفدر موجودھ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ جي صورت ۾ ان عھدي جي لاءِ ٽاپ 5 ۾ شامل ھو،سينارٽي جي لحاظ سان سندس ٽيون نمبر ھو.ھو ھن وقت منگلا ڪور کي ڪمانڊ ڪري رھيو ھو.جنھن کي ڪور ون به سڏبو آھي،ھن جو تعلق منڊي بھاولدين سان ھو.ذات جو وڙائچ ھو. نومبر 2025 تي ھاڻوڪي آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ يا نئين آرمي چيف جي چونڊ ٿيڻ واري لسٽ ۾ سينارٽي جي حساب سان ترتيبوار ليفٽيننٽ جنرلز ۾، انعام حيدر ملڪ ،فياض حسين شاھ،نعمان ذڪريا،ظفراقبال،ايمن بلال صفدر ۽ احسن گلريز شامل آھن. روايت موجب انجنيئرنگ ڪور ۽ ائير ڊيفس جي جنرل آرمي چيف جي ڊوڙ ۾شامل نه ٿيندا آھن. ان ڪري انھن 6 ڄڻن جي لسٽ ۾ انعام حيدر جيڪو انجنيئرنگ ڪور جو آھي ۽ ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال جيڪو ائير ڊفس ڪور جو آھي.اھي نٿا شامل ڪيا وڃن ته ٽين نمبر تي ليٽيننٽ جنرل ايمن صفدر بلال اچي ٿو.جڏھن ته 6 ڄڻڻ وار لسٽ ۾ سندس پنجون نمبر آھي. اسد طور موجب جيتوڻيڪ ليفٽيننٽ جنرل ايمن بلال صفدر ذاتي سبب بيان ڪندي استعفيٰ ڏني آھي پر چيو ٿو وڃي ته ملڪ ۾ سياست بابت داخلي پاليسي بابت ھن جا خيال مختلف ھئا. ان ڪري اھو سادو معاملو نٿو لڳي. ليفٽننٽ جنرل ايمن بلال انھن 12 ڄڻن ۾ شامل ھو،جن کي جنرل باجوا پروموشن ڏئي ويو ھو.ڇاڪاڻ جو جنرل باجوا کي توسيع ملڻ جي اميد ھئي جنھن ڪري ھن اڳواٽ ئي پنھنجي ٽيم جوڙي ھئي