منگلا جي ڪور ڪمانڊر ايمان بلال وقت کان اڳ رٽائر

اسلام آباد (ع آ نيوز): پاڪ فوج جي منگلا جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ايمان بحال صفدر وقت کان اڳ رٽائرمنٽ وٺي ڇڏي آهي. هن  ڪجهه وقت اڳ رٽائرمنٽ جي درخواست ڏني هئي، وزيراعظم جي هدايت تي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي وقت کان اڳ رٽائرمنٽ جي درخواست منظور ڪري ڇڏي. هن رٽائرمنٽ وٺڻ جو سبب ذاتي مصروفيتون ٻڌايو هو، سينيارٽي جي لحاظ کان موجوده ليفٽيننٽ جنرلز ۾ سندس ٻارهون نمبر هو. موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير جي مقرريءَ جو مدو نومبر 2025 ۾ ختم ٿيندو، تنهن جي رٽائرمنٽ کانپوءِ نئين آرمي چيف لاءِ سندس نالي تي به غور ٿي پئي سگهيو. ان بابت گهڻا تبصرا ٿي رهيا آهن ته ليفٽيننٽ جنرل ايمان بلال کي موجوده سيٽ اپ سان اختلاف هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.