اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا محمد آصف فيض آباد انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ان رپورٽ جي ڪا به اهميت ناهي، اها رپورٽ نه ته مستند آهي ۽ نه ئي قابل اعتماد آهي. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي خواجه محمد آصف چيو ته فيض آباد ڪميشن هڪ مذاق آهي، جنرل رٽائرڊ فيض ۽ جنرل رٽائرڊ باجوا ڪميشن آڏو پيش نه ٿيا، رڳو مون جهڙا سياسي ڪارڪن پيش ٿيا. هن چيو ته ڪميشن جي سامهون وڃڻ کانپوءِ محسوس ٿيو ته هتي ڪا به سنجيدگي ناهي، کيس هرگز نه اچڻ گهرجي ها.