پاڪستان اندر ڀارتي ڪاررواين تي اسٽيبلشمنٽ خوف ۾ آھي; حامد ڀاشاني

ڪراچي (م ڊ) نامور قانوندان بئريسٽر حامد ڀاشاني چيو آھي ته ڀارت نئين پاليسي تي عمل ڪندي پاڪستان اندر گهڙي انهن ڏوهارين کي  ماري رهيو آھي جن بابت پاڪستان جو چوڻ آھي ته پاڪستان ۾ موجود نه آھن۔ هاڻي جيڪڏهن پاڪستان اهو مسئلو اٿاري ٿو ته پهريان مڃڻو پوندو ته ڀارت کي گهربل اهي ماڻھون اسان وٽ ئي آھن ٻئي صورت ۾ چپ چاپ رهڻ ۾ ئي عافيت آھي۔ ڊاڪٽر قمر چيما سان سندس پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون ماضي ۾ آمريڪا دنيا جي اندر ۽ سابقه سوويت يونين به برطانيه ۾ گهڙي ڪندو رهيو۔ هن چيو ته پاڪستان جڏهن اهو مڃي ئي نه ٿو ته اهي ماڻھون پاڪستان ۾ آھن ته پوء ڀارت کي ڪهڙي طرح انهن جي موت جو ذميوار قرار ڏئي سگهندو۔ هن چيو ته ڀارت جي انهن ڪاررواين جي ڪري پاڪستان جي ايسٽبلشمنٽ خوف ۽ هراس ۾ ورٿل آھي۔ عامر تانبا کي ڀارت جي چوڻ تي نشانو بنائڻ بابت سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اهو اشو انڪري سامهون آيو جو جن ماڻھن کي نشانو بڻايو ويو انهن مان جيڪو هڪ ڄڻو بچي ويو ان پاڪستان جي ڪشمير واري علائقي ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي نه ته هتي به انتظاميه ۽ ايجنسيون اڪثر کي ڊيڄاري کين خاموش ڪرايو ڇڏين ٿيون۔ هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اهڙن ماڻھن کي گهڙي مارڻ لاء ڀارت کي فري هينڊ ڏنو ويو آھي۔ هن چيو ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء حڪمرانن کي ڪو رستو نه پيو ملي ان لاء ھي عوام جي ٽيڪس جي پيسن تي پنهنجي ڪٽنب کي ساڻ ڪري گناه بخشرائڻ ۽ خدا کان معافيون وٺڻ لاء مڪي مديني وڃي رهيا آھن۔ جڏهن ته ڀارتي ميڊيا بار بار پاڪستان جي اندر گهڙي ڪري مارڻ جي ڳالھ ڪري رهي آھي۔ هن چيو ته توڙي جو هاڻي ڀارت کي گهربل اهي ماڻھون پرامن آھن پر ڀارت انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ چاهي ٿو ته جيئن آئينده ڪنهن کي به ڀارت جي خلاف ڪارروايون ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي۔ هن چيو ته پاڪستان ان اشو کي عالمي فورم تي به نه ٿو کڻي سگهي۔ هن چيو ته پاڪستان يا ته ان معاملي تي خاموش رهيو آھي يا وري زباني ڪلامي ان معاملي تي پنهنجو موقف ڏئي رهيو آھي جڏهن ته ڀارت پنهنجي پاليسي کي ڪاميابي سان اڳتي وڌائي رهيو آھي۔ هن چيو ته بي جي پي جي اها پاليسي آھي ته هاڻي ان معاملي تي خاموش نه رهنداسين۔ان لاء پاڪستان جي ايسٽبلشمنٽ خوف ۽ ھراس جو شڪار آھي۔ هن چيو ته هيل تائين پاڪستان اندر گهڙي هندستان 15 کان 20 اهڙن ماڻھن کي ماري چڪو آھي جن تي ماضي ۾ انڊيا اندر حملن ۾ ملوث ھجڻ جو ازام آھي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.