اسلام آباد(م ڊ) فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جي رپورٽ اڃا تائين سپريم ڪورٽ ۾ جمع نه ٿي سگهي آهي. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ جو چوڻ آهي ته فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جي رپورٽ واپس اچڻ جي خبر ڪوڙي آهي، رپورٽ وفاقي حڪومت کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اٽارني جنرل چيو آهي ته وفاقي حڪومت اها رپورٽ اٽارني جنرل آفيس ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي، رپورٽ اڃا تائين اٽارني جنرل آفيس ۾ جمع نه ڪرائي وئي آهي. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ موجب وفاقي حڪومت کي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻي آهي.