ڌرڻو ختم ڪرڻ جي ذميواري حڪومت ڏني هئي: فيض حميد

اسلام آباد (م ڊ) فيض آباد ڌرڻي ڪميشن آڏو اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جو بيان سامهون اچي ويو آهي.  فيض آباد ڪميشن کي ڏنل بيان ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد چيو ته 2017ع ۾ حڪومت ڌرڻي جي خاتمي جي ذميواري وزيراعظم جي سربراهي ۾ ڏني هئي ۽ معاهدي تي صحيحون ڪيون ڇاڪاڻ ته تحريڪ لبيڪ آرمي چيف جي صحيح چاهي پئي. فيض حميد چيو ته معاهدي تي صحيحن جو اختيار آءِ ايس آءِ سربراهه ۽ آرمي چيف ڏنو هو. اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه چيو ته ڌرڻو هن منظم نه پر ختم ڪرايو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي ماليات جي جاچ نه ڪئي وئي ڇو ته اهو اسان جي مينڊيٽ ۾ ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.