قمبر (ن ع آ) غيبي ديرو ڀرسان پسند جي پرڻي تان نوجوان قتل، ناري مبينا طور تي گم، ڪراچي ۾ پورهيو ڪندڙ نوجوان قمبر مان ناري سان پسند جو پرڻو ٿيو هو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان کي ناري جي وارثن دعوت تي گهرائي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان جو مڙهه غيبي ديرو واري علائقي جتن واري قبرستان ڀرسان لاوارث حالت ۾ مليو هو جنهن کي غيبي ديرو ٿاڻي جي پوليس پنهنجي تحويل ۾ کڻائي قمبر اسپتال پهچايو جتي نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ ٽپال جي رهواسي آفاق چانڊيو قمبراڻي طور ٿي، نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي قتل جو ڪيس سندس چاچي در محمد چانڊيو جي فرياد تي غيبي ديرو ٿاڻي تي ناري جي وارثن سندس ڏاڏي غلام مصطفيٰ چانڊيو سندس پيءُ اختيار علي چانڊيو سندس چاچي ڪريم بخش، مرتضي چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ دلاور چانڊيو ۽ ٻن اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي.